المنظر سئنيما

المنظر سئنيما

المنظر سئنيما

المنظر سئنيما (لاڙڪاڻو ):هيءَ سئنيما لاڙڪاڻي شهر ۾ اسٽيشن روڊ تي 1972ع ڌاري ٺاهي وئي. هن سئنيما ۾ ويهڻ لاءِ 900 سيٽون هيون. هيءَ سئنيما لاڙڪاڻي جي پهرين سئنيما هئي. جنهن جي ڀتين تي خوبصورت ڊزائين ۾ ٺهيل پلاسٽر آف پيرس جون سرون لڳل هيون ۽ ڇت جي وچ ۾ فانوس نصب ٿيل هو. هيءَ ايئرڪنڊيشنڊ سئنيما هئي. هن سئنيما ۾ ”سوڍا پٽ سنڌ جا“ (1947ع) سميت ٻيون سنڌي فلمون پڻ هلايون ويون. هيءَ سئنيما 4 جون 2006ع تي ڊاٺي وئي. هاڻ هن سئنيما جي جاءِ تي فاسٽ فوڊ سينٽر ۽ هڪ هوٽل ٺاهيو ويو آهي.


لفظ المنظر سئنيماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو